لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سياحتي علائقن ۾ درياهن جي ڪنارن تي ٿيل والار ۽ غير قانوني هوٽلن جو خاتمو آندو وڃي، منصوره مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سوات واري واقعي سان تحريڪ انصاف جي نااهلي هڪ ڀيرو ٻيهر وائکي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ گذريل تيرنهن سالن کان حڪومت ۾ آهي، اسلام آباد کان سياحن تائين پهچڻ لاءِ هيليڪاپٽر رڳو اڌ ڪلاڪ وٺي ها، پر حڪمرانن عوام کي اڪيلو، بي سهارو ۽ مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي. ملڪ جو حڪمران طبقو وسيلن کي ذاتي ملڪيت سمجهي لٽي رهيو آهي.