سوشل ميڊيا تي دوستي، پرڻو ۽ طلاق، ڪراچي واسي نوجوان جي محبت ۾ تيونس کان ڪهي آيل ناري ٿاڻي پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عورت اونيجا اينڊريو رابنسن جي ناڪام محبت جي ڪهاڻي اڃا پراڻي ئي نه ٿي هئي ته تيونس جي ناريءَ ڪراچيءَ جي نوجوان سان پريم ڪهاڻي افسوسناڪ انجام تي پهچي وئي.
تيونس واسڻ 19 ورهين جي سندا اياري، لياريءَ جي نوجوان سان سوشل ميڊيا تي دوستي کانپوءِ شادي لاءِ ڪراچي آئي هئي، طلاق کانپوءِ هاڻ ِ وومين ٿاڻي پهچي پناهه جي درخواست ڏني آهي.
پوليس موجب، سندا 28 نومبر 2024ع تي ڪراچي پهتي، سندس سوشل ميڊيا تي نيا آباد کڏا مارڪيٽ لياري جي رهواسي محمد عامر دوستي ٿي جيڪا پوءِ محبت ۾ تبديل ٿي وئي.
محبت ۾ مبتلا جوڙي شادي جو فيصلو ڪيو ۽ سندا پاڪستاني ويزا حاصل ڪري ڪراچي پهچي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته کيس عامر ۽ سندس گهرڀاتين ايئرپورٽ تان ريسيو ڪيو ۽ 29 نومبر تي گهرڀاتين هڪ تقريب دوران ٻنهي جي شادي ڪرائي ڇڏي، نڪاح نامو 6 مارچ تي لياري جي يونين ڪائونسل بغدادي ۾ رجسٽرڊ ٿيو.
سندا موجب، شاديءَ کانپوءِ ڪجهه مهينا ٻنهي خوشي سان گذاريا، پر پوءِ معمولي ڳالهين تان تڪرار پيدا ٿيڻ لڳو ۽ عامر کيس طلاق ڏئي ڇڏي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ چاهي ٿي.
رپورٽ موجب، سندا جو ويزا 18 فيبروري تي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هوءَ بنا ويزا تجديد يا ايگزيٽ پرمٽ جي واپس نٿي وڃي سگهي، کيس ويزا تجديد لاءِ لڳ ڀڳ 400 آمريڪي ڊالر ۽ هوائي ٽڪيٽ لاءِ 2 لک رپين کان وڌيڪ رقم گهربل آهي.
وومين پوليس موجب، ناري اڳوڻي مڙس خلاف ڪا بدسلوڪي يا تشدد جي شڪايت نه ڪئي آهي، کيس پناهه ڏني وئي آهي ۽ سندس رهائش ۽ سار سنڀال جو بندوبست ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، عامر کي به ٿاڻي تي سڏايو ويو هو، جنهن تصديق ڪئي ته هو سندا کي طلاق ڏئي چڪو آهي ۽ پوءِ هليو ويو، وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ کيس فون ڪئي ته سندس فون به بند هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.