ڪئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪئليفورنيا جي طاهو ڍنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾اٺ ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اِهو حادثو پاڪستاني علائقي سوات ۾ پيش آيل واقعي سان هڪجهڙائي رکي ٿو، ڇو ته ڍنڍ جي پاڻي ۾ اوچتي چاڙهه کانپوءِ لهرون ڏهه فٽ بلنديءَ تائين هليو ويون، ان دوران ڳڙهي سان گڏ طوفاني وسڪارو پڻ ٿيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٻيڙي ۾ سوار سياح سالگرهه ملهائڻ لاءِ ڍنڍ جي سير لاءِ آيل هئا.
You might also like