ڪراچي ۾ ڪار شوروم جي مالڪ جي گهر مان 13 ڪروڙ رپين جو ڌاڙو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪار شوروم جي مالڪ جي گهر تي هڪ وڏي ڊڪيتي جي واردات ٿي، جتان هٿياربند هٿياربند 13 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، جن ۾ ٽي برقعو پاتل عورتون به شامل هيون، پوليس موجب واقعو ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 واري علائقي ۾ ڪار شوروم جي مالڪ جي گهر اندر پيش آيو، جتي اڻڃاتل هٿياربند 13 ڪروڙ رپيا، 9 قيمتي موبائل، 20 هٿ جون گھڙيون، هڪ اسمارٽ واچ، 25 مختلف قسمن جا قيمتي پرفيوم، 2 ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، فريادي موجب، واردات ۾ شامل 3 عورتون برقعو پاتل هيون، جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ ايف آءِ اي جهڙا ڪپڙا پاتل هئا ۽ انهن جي شرٽ تي ايف آءِ اي جو مونوگرام به لڳل هو، پوليس مطابق، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.