فرمائشي بجيٽ عوام جي وات مان گرهه ڦرڻ جي سازش آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته آئي ايم ايف جي فرمائشي بجيٽ عوام جي وات مان گرهه ڦرڻ جي سازش آهي، پيٽروليم شين تي 2.5 روپيا ڪاربن ليوي ۽ سولر پليٽن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري، وفاقي سرڪار پورهيت عوام مٿان حملا آور ٿي آهي. هنن چيو ته بجيٽ ۾ اميرن لاءِ رليف ۽ غريبن لاءِ بک ۽ بدحالي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. هن عوام دشمن بجيٽ کي ملڪ جو عوام مڪمل طور رد ٿو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.