سنڌ ۾ هلڪي برسات پ پ جي 17 سالا حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي: ڪاشف شيخ

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سانوڻي جي تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٽنڊوڄام، ڪنري ۽ ٻٻرلو سميت مختلف شهرن ۾ 05 ماڻهن جي فوت ٿيڻ توڙي وڏي پيماني تي مالي نقصان تي سخت افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هلڪي برسات به انتظاميه جي پت وائکي ۽ مڙني دعون کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته ديانتدار قيادت کان بغير ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ترقي توڙي عوامي مسئلا حل ٿيڻ ممڪن ڪونه آهي، سنڌ ۾ پ پ جي 17 سالن کان جاري حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي ته پهرين برسات ۾ ئي رهائشي توڙي ڪاروباري علائقن ۾ ٻه کان ٽي فُٽ تائين پاڻي بيجهي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.