اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت خلاف پنجن ڏينهن جي تڪراري صورتحال ۾ پاڪستان نه رڳو سرحدن تي، پر ٽن مختلف محاذن تي واضح فتح حاصل ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سفارتي، بيانيي ۽ جنگي محاذ تي پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏني. بلاول ڀٽو موجب، پاڪستاني سفيرن ۽ پرڏيهي آفيس جي نمائندن عالمي سطح تي پاڪستان جو مؤقف سچائيءَ سان پيش ڪيو، جنهن سبب دنيا پاڪستان جي ڳالهه مڃي. بيانيي جي محاذ تي به پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار بهترين رهيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي پروپيگينڊا عالمي سطح تي وائکي ٿي. پي پي چيئرمين چيو ته ڀارت عالمي سطح تي ڪوڙ ڳالهائي ٻين ملڪن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ئي قدم کنيا ۽ ڀارتي 6 جهاز ڪيرايا، جواب ڏيڻ ته اڃا باقي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته جنگ بندي صدر ٽرمپ جي ڪوششن سان ممڪن ٿي، جنهن کي ڀارت پهريان قبول ڪيو، پر هاڻي ان کي عارضي سڏي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم ۽ وزيرن جا بيان جارحاڻا آهن، جنهن مان واضح آهي ته ڀارت امن نه پر ٽڪراءُ ٿو چاهي. هن خبردار ڪيو ته ڀارتي حڪومت جيڪڏهن ڪنهن به واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ چاهي ٿي، ته ان لاءِ ثبوت ضروري آهن. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان امن جو حامي آهي ۽ ڳالهين ذريعي تڪرار جو حل چاهي ٿو، پر ڀارت صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي ناڪام بنائڻ چاهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت جو ٽيڪنيڪل، فوجي، آرمي ۽ سائبر ونگز اهڙو گهيراءُ ڪيو جو هو مجبور ٿي ويا ۽ آمريڪا کي چوندا رهيا ته پاڪستان کي سمجهايو ته اسان سيز فائر ڪريون. هن چيو ته ٽرمپ 20 ڀيرا چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي هن ڪرائي، جيڪڏهن ڀارت جي ڳالهه سچي آهي ته مودي هڪ ڀيرو چوي ته ٽرمپ ڪوڙو آهي.