تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اعتراف ڪيو آهي ته تازن آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن دوران ايران جي جوهري ٿاڪن کي ”تمام گهڻو ۽ سنگين“ نقصان رسيو آهي.
ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته مُلڪي جوهري توانائي اداري جا عملدار نقصان جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.
ان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پنهنجي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته انهن حملن باوجود ملڪ جي جوهري پروگرام تي ڪو به اثر ناهي پيو ۽ آمريڪا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
خامنه اي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪا تازن حملن ۾ ” ڪجهه به اهم حاصل ڪرڻ“ ۾ ناڪام رهيو.
پر هاڻي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي بيان کانپوءِ نئين تضاد جنم ورتو آهي.
عباس عراقچي پنهنجي بيان ۾ اِهو پڻ واضح ڪيو ته ايران جو آمريڪا سان جوهري معاهدي بابت ٻيهر ڳالهيون شروع جو في الحال ڪو به ارادو ناهي.
هن چيو ته جنهن وقت اسرائيل حملا شروع ڪيا تڏهن ايران ڳالهين جو ڇهون دور رد ڪري ڇڏيو هو.
سندس چوڻ هو ” مان واضع طور چوان ٿو ته نئين سر ڳالهين لاءِ نه ڪو معاهدو ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهي آهي ته ايراني عوام جي مفاد ۾ ڇا آهي.“
ٻئي پاسي سي اين اين پنهنجي رپورٽ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي انتظاميا ايران کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪجهه تجويزون غور هيٺ آنديون آهن، جن ۾ 30 ارب ڊالر جي اقتصادي رعايت، پابندين ۾ نرمي، ۽ منجمد ٿيل ايراني فنڊز کي بحال ڪرڻ شامل آهي.
پر ايران اندر ٿيل تازيون اڳڀرائيون ان سفارتي رستي رنڊڪ بڻجي سگهن ٿيون.
هوڏانهن اربع ڏينهن ايراني پارليامينٽ عالمي اداري انٽرنيشنل اٽامڪ انرجِي ايجنسي (آءِ اَي اي اَي ) سان سهڪار معطل ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏني هئي.
تجزئي نگارن موجب، جيڪڏهن ان بل تي عمل ٿيو ته ايران آءِ اي اي اي جي معائنو ڪندڙن کي پنهنجي جوهري مرڪزن تائين رسائي نه ڏيندو.
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ائٽمي ٿاڪن کي سخت نقصان رسيو آهي: ايراني پرڏيهي وزير جو اعتراف
Prev Post
You might also like