چنديگڙهه ( ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا نيرو باجوا هانيا عامر کي انسٽاگرام تان ان فالو ڪري ۽ ايندڙ فلم ”سردار جي 3“ سان لاڳاپيل پوسٽون به هٽائي ڇڏيون.
ڀارتي پنجابي اداڪارا نيرو باجوا پنهنجي نئين فلم سردار جي ٿري ۾ ساٿي پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر کي انسٽاگرام تان ان فالو ڪندي فلم سان لاڳاپيل سموريون پروموشنل پوسٽون به پنهنجي پروفائيل تان هٽائي ڇڏيون آهن.
سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جو چوڻ آهي ته نيرو باجوا کي ڀارتي انتهاپسندن طرفان ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن سبب هن هانيا عامر کان دوري اختيار ڪئي آهي.
ٻئي پاسي هانيا عامر اڃا تائين نيرو باجوا کي انسٽاگرام تي فالو ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته فلم ”سردار جي 3“ جي شوٽنگ پاڪ-ڀارت موجوده ڇڪتاڻ کان اڳ مڪمل ڪئي وئي هئي، پر هاڻ هندو انتهاپسندن فلم مان هانيا عامر کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
فلمسازن ان تي ردعمل ڏيندي فلم کي ڀارت کانسواءِ ٻين ملڪن ۾ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،۽ فلم 27 جون تي پاڪستان ۾ به رليز ڪئي ويندي فلم کي سينسر بورڊ طرفان منظوري ملي وئي آهي.