صديءَ جي مهانگي ترين شاديءَ ۾ ڇا ڇا هوندو؟وينيو ۽ مينيو جا تفصيل پڌرا

وينس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اي ڪامرس ڪمپني ايمازون جي باني جيف بيزوس ۽ صحافڻ لورين سانچيز جي مهانگي ترين شاديءَ جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون اٽلي جي شهر وينس ۾ شروع ٿي ويون آهن.
رپورٽن موجب، شاديءَ جي مکيه تقريب وينس جي تاريخي ماڳ آرسنل ۾ رٿيل آهي، جيڪو سينٽ مارڪس اسڪوائر جي سامهون ۽ 99 ميٽر ڊگھي بيل ٽاور جي ڀرسان قائم آهي.
جيتوڻيڪ تقريب جي صحيح تاريخ ۽ جاءِ ظاهر نه ڪئي وئي، پر افواهه آهن ته جوڙو اڳ ۾ آمريڪا ۾ نجي تقريب ۾ شادي ڪري چڪو آهي.
پرڏيهي خابرو ادارن جي رپورٽن موجب، شاديءَ جو مجموعي خرچ 56 ملين ڊالر، يعني اٽڪل 15 ارب رپيا ٻڌايو پيو وڃي، جنهن سبب ان کي صديءَ جي مهانگي ترين شادي قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽن موجب، تقريب ۾ 250 کان وڌيڪ خاص مهمانن جي شرڪت جو امڪان آهي، جن کي وينس جي پنجن مهانگن ترين هوٽلن ۾ ترسايو ويندو
رپورٽن موجب، شادي تقريب ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ٽرمپ به شريڪ ٿيندي، مهمانن جي آجيان لاءِ 30 واٽر ٽيڪسيون ۽ 90 خانگي جهاز بڪ ڪرايا ويا آهن.
ان کانسواءِ شاديءَ جي مٺاين ۽ خاص وينيشين ڊشن لاءِ مقامي دڪاندارن کي آرڊر ڏنو ويو آهي، روزا سلوا پيستري جي 200 کان وڌيڪ تحفن وارا بيگز پڻ تيار ڪيا پيا وڃن.
واضح رهي ته جيف بيزوس ۽ لورين سانچيز گذريل سال مڱڻي ڪئي هئي.
ياد رهي ته بيزوس 2019ع ۾ پنهنجي زال مڪينزي سان 26 سالن جي شادي ختم ڪئي هئي، جڏهن ته لورين به اڳوڻي مڙس پيٽرڪ وائٽسيل کان طلاق وٺي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.