اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن لاءِ آنڌاري سان گڏ وسڪاري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اين ڊي ايم اي موجب، ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾تيز برسات جو امڪان آهي.
ايم ڊي ايم اي موجب، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ايم ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ به آنڌاري سان گڏ برسات متوقع آهي.
ايم ڊي ايم اي موجب، خيبرپختونخوا جي چترال، سوات، ايبٽ آباد، مانسهرا، پشاور، بنون ۽ وزيرستان وارن علائقن ۾ به تيز وسڪاري جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته شهري علائقن ۾ اربن فلڊنگ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو ، تنهنڪري اهڙن حساس علائقن ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي.
هوڏانهن طوفاني برساتن کانپوءِ سوات درياهه ۾ چاڙهه سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 18 ڀاتي لڙهي ويا، ٽن ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته اٺ لاش هٿ ڪيا ويا آهن.
You might also like