تيز برساتون، موٽر وي پوليس مسافرن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جو الرٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ موٽر وي به مسافرن لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
موٽر وي پوليس ايڊوائزري ۾ چيو آهي ته برسات دوران روڊ تي گاڏيون سلپ ٿيڻ جا واقعا ٿيندا آهن، تنهن ڪري گاڏي جي رفتار گهٽ رکي وڃي ۽ گاڏين وچ ۾ فاصلو وڌيڪ فاصلو رکيو وڃي.
موٽر وي پوليس تنبيهه ڪئي آهي ته اوچتو بريڪ هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته جابلو علائقن ڏانهن سفر ڪندڙ وڌيڪ احتياط ڪن.
برسات جي موسم دوران گاڏين جون بتيون ۽ وائپر درست حالت ۾ رکڻ جي هدايت ڪندي ڪنهن به مدد جي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس هيلپ لائين 130 تي رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.