اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ دوران پنهنجي ذاتي زندگي ۽ عادتون تبديل ڪرڻ بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن.
بلاول چيو ته “ مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مان جم ويندس، اڳ ۾ ته ماني سان گڏ مٺو کائڻ ۾ به ڪو احتياط نه ڪندو هوس، پر هاڻ مان سبزين سان گڏ داليون کائيندو آهيان.“
سوشل ميڊيا تي وزن گهٽجڻ کانپوءِ ٺاهيل ميمز ۽ ردِعمل بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ” مان سوشل ميڊيا تي ميمز ۽ تبصرن تي ايترو ڌيان ناهيان ڏيندو ، مون کي اصل ۾ نه کاڌن جو خاص شوق آهي نه ئي ورزش جو.
هن چيو ته پنهنجي صحت لاءِ وزن گهٽايو آهي. گذريل ٻن سال کان ٻاجهر جي ماني کائي رهيو آهيان. حليم، دال به روزمره جي خوراڪ جو حصو آهن ۽ کنڊ کان مڪمل طور تي پري آهيان.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته منهنجي والد ۽ خاندان ۾ شگر جي بيماري آهي تنهنڪري مون احتياطن پنهنجي خوراڪ ۾ تبديليون آنديون آهن، ته جيئن مستقبل ۾ ان بيماري کان بچي سگهان.
You might also like