دهشتگردن جي سرپرستي ڪندڙ ملڪن کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا: ڀارت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه چيو آهي ته پهلگام حملي ۽ ماضيءَ ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ”لشڪرِ طيبه“ جي حملن ۾ هڪجهڙائي آهي ۽ ان حملي جي ذميواري لشڪر جي ماتحت تنظيم”دي ريزسٽنس فرنٽ“ قبول ڪئي آهي.
راج ناٿ سنگهه چين ۾ جاري شنگھائي سهڪاري تنظيم (ايس سي او) جي بچاءَ وارن وزيرن جي اجلاس دوران خطاب ڪندي چيو ته پهلگام حملي ۾ متاثرن کي سندن مذهبي نشاندهي کانپوءِ گولين جو نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته ان حملي کانپوءِ ڀارت 7 مئي تي ”دهشتگردي جي خلاف پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي ۽ سرحد پار کان حملا روڪڻ لاءِ ”آپريشن سندور“ ڪاميابيءَ سان لانچ ڪيو، جنهن جو مقصد سرحد پار موجود دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ هو.
ڀارتي بچاءَ واري وزير واضح ڪيو ته دهشتگردي ۽ امن گڏ نٿا هلي سگهن، خوشحالي ۽ امن تڏهن ممڪن آهن جڏهن وسيع تباهيءَ وارا هٿيار غير رياستي عنصرن يا دهشتگرد گروپن جي هٿن ۾ نه هجن.
راج ناٿ سنگهه زور ڏنو ته اهڙن ملڪن کي، جيڪي پنهنجن تنگ نظر مفادن لاءِ دهشتگردي جي سرپرستي ڪن ٿا، کين ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 26 عام شهري مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام ڀارت پاڪستان تي مڙهي هيو، جڏهن ته پاڪستان اِهو الزام رد ڪري ڇڏيو هو.
ان حملي جي ردعمل طور ڀارت 6 مئي جي رات پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڊرون ۽ ميزائل حملن جو سلسلو جاري رهيو.
صورتحال تي ان وقت ظابطو آيو جڏهن 10 مئي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ” ترت ۽ مڪمل جنگبندي“ تي اتفاق ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.