اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران-اسرائيل جنگبندي ۾ پاڪستان انتهائي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو ۽ مستقل انداز ۾ ايران جي حمايت ڪئي
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجيٽ تي تمام گهڻي محنت ڪئي وئي، جنهن تي مان ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان، نائب وزيراعظم ۽ اتحادي جماعتن جون بجيٽ لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو پڻ ٿورا مڃيا ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀرپور ۽ مستقل انداز ۾ ايران جي حمايت ڪئي، ايران صدر آصف زرداري، منهنجو ۽ فيلڊ مارشل جو نالو وٺي شڪريو ادا ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ايراني قوم وڏي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، ايران اسرائيل کي پنهنجي دفاع ۾ ڀرپور جواب ڏنو ۽ ايران چيو ته وڏي باوقار طريقي سان جنگ بند ٿيندي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان جنگبندي ۾ انتهائي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو، منهنجي سعودي ولي عهد ۽ ايراني صدر سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب به جنگبندي ۾ ڪردار ادا ڪيو.
وزيراعظم موجب، آمريڪي صدر سان ملاقات کانپوءِ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي استنبول ۾ ايراني پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات ٿي.
هن چيو ته آمريڪي صدر فيلڊ مارشل جي دل سان واکاڻ ڪئي ۽ صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير جي صلاحيتن کي مڃي ٿو.