اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال لاءِ 17 هزار 573 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فنانس بل 2025 جي شق وار منظوري جو عمل شروع ٿيو، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب فنانس بل منظور ڪرڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي، فنانس بل منظور ڪرڻ جي رٿ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ فنانس بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ڪيو ويو.
اجلاس دوران فنانس بل جي منظوري ملتوي ڪرڻ ۽ عوامي راءِ لاءِ موڪلڻ بابت اپوزيشن جي ترميم اڪثريتي راءِ سان رد ڪئي وئي.
You might also like