سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريلوي مسلمان ڪرڪيٽر عثمان خواجا هڪ ڀيرو ٻيهر غزا جي مظلوم فلسطيني عوام جي حق ۾ ڄمي ويو ، هن اهڙي ميڊيا اداري کي انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن غزا تي ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ صحافي کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو.
ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن عثمان خواجا تڪراري ريڊيو چئنل سان ميچ کانپوءِ انٽرويو رٿيل هو، جيڪو بعد ۾ هن اصولي بنيادن تي رد ڪري ڇڏيو.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، عثمان خواجا جڏهن هن تڪراري ريڊيو اداري جو مائڪ ڏٺو ته هن انٽرويو ڪندڙ صحافين کان معذرت ڪئي.
واضح رهي ته فيبروري ۾ مشهور آسٽريلوي ڪرڪيٽ صحافي پيٽر لالر کي ان وقت نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي هئي، جڏهن هن غزا ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف ۽ فلسطيني عوام جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو هو.
عثمان خواجا ان وقت به پيٽر لالر جي پٺڀرائي ڪندي ان قدم جي نندا ڪئي هئي.
انٽرويو کان انڪار ڪرڻ تي پيٽر لالر عثمان خواجا جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”عثمان خواجه هڪ اصول پرست انسان آهي، جڏهن مون کي نوڪري مان ڪڍيو ويو، تنهن وقت به هن جي همدردي ۽ حمايت مون لاءِ وڏي اهميت ۽ اتساهه هئي. “
ياد رهي ته عثمان خواجا ان کان اڳ به مختلف علامتي طريقن سان فلسطين سان ايڪي جو اظهار ڪري چڪو آهي.