ايراني ايٽمي مرڪزن جي تباهي بابت ٽرمپ ۽ آمريڪي ميڊيا آمهون سامهون

واشنگٽن ( شھباز گل)آمريڪي صدر ٽرمپ کي آمريڪي ميڊيا، خاص طور تي سي اين اين، نيو يارڪ ٽائيمز ۽ بي بي سي، جي رپورٽن سبب سخت دٻاءُ جو منهن ڏيڻو پئجي رھيوآھي. رپورٽن مطابق ايرانجا جوهري ٿاڪ  آمريڪي حملي سان اھم حصا تباھ  ناھن ٿيا باقي ڪجھه  مھينن کان ھڪ سال پوئتي ٿي ويا آهن. ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي جي شروعاتي ڪاٿي مطابق فردو پلانٽ جي  داخلي دروازن ، سرنگھن ۽ زميني ڍانچي کي شديد نقصان پھتو آھي پر زير زمين انرچمنٽ وارو پلانٽ جيڪو 8 ميٽر  ٿلھي  اسٽيل ڪنڪريٽ جو جڙيل آھي  اھو محفوظ ۽ سلامت آھي. جيتوڻيڪ پينٽاگون دعويٰ ڪئي ته 3000 پائونڊ وزني بم ايران جي ايٽمي صلاحيت کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو پر ماھرن مطابق ايران اڳ ئي پنهنجو 60سيڪڙو  يورينيم ۽ اهم سامان محفوظ هنڌ منتقل ڪري چڪو هو، تنهن ڪري نقصان گهٽ ٿيو.اھو سڀ سي اين اين، بي بي سي ۽ نيويارڪ ٽائمز لکي رھيا آھن.صدر ٽرمپ ان رپورٽ کي "فيڪ نيوز” قرار ڏنو ۽ چيو ته سي اين اين ۽ نيو يارڪ ٽائيمز سندن ڪامياب آپريشن کي ناڪام ڏيکاري رهيا آهن.ساڳئي وقت، آمريڪا جي سيٽلائيٽ تصويرن مان ظاهر ٿيو ته ڪجهه تباهي ضرور ٿي آهي  پر جيئن ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل تباهه ڪيو ويو، اهڙي ڳالهه جو ڪو حتمي ثبوت ناهي. آءِ اي اي جون رپورٽون به ساڳيو نتيجا ڏيکاري رهيون آهن.وائيٽ هائوس جي ترجمان انٽيليجنس رپورٽ کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ چيو ته اھا صدر ٽرمپ ۽ آمريڪي فوج جي ڪامياب مشن خلاف سازش آھي.ھن مطابق اھي ٽاپ سيڪريٽ دستاويزات انٽيلجنسي جي ھڪ ھيٺين سطح جي ملازم سي اين اين کي ليڪ ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.