ايران ۾ ڀارتي سفارتخاني جا ٻه اهلڪار موساد سان سهڪارڪرڻ سبب اڻ وڻندڙ قرار

لاهور( معظم فخر)ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائيءَ تي قاتلاڻي حملي جي الزام ھيٺ  جيڪو EMP يعني اليڪٽرو ميگنيٽڪ پلس بم ذريعي ڪيو ويو ھيو جي ڏوھھ ۾ موساد جي ٽن ايجنٽن کي ايران ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آھي، جڏهن ته حملو پلان ڪندڙ وڌيڪ ڇھ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق، ايران ۾ ڀارتي سفارتخاني جي ٻن اهلڪارن کي موساد سان تعاون جي الزام هيٺ ناپسنديده قرار ڏنو ويو آهي. ايران جي حڪومت طرفان سرڪاري طور تي ڀارتي سفارتخاني کي خبردار ڪيو ويو آهي ته ان قاتلاني حملي ۾ انهن اهلڪارن جو به ڪردار هو، جيڪي سفارتڪارن جي صورت ۾ موجود هئاانھن کي 24 ڪلاڪن اندر ايران ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويوآھي ٻئي پاسي چابهار بندرگاهه جو مستقبل هاڻي غير يقيني بڻجي ويو آهي. ان صورتحال ۾ چين جو نالو سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو شايد چابهار بندرگاهه جو ڪنٽرول حاصل ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.