ايران هٿان اسرائيل کي وڏي مار پئي، ايران سان معاهدو ٿي سگهي ٿو:ڊونلڊ ٽرمپ

 دي هيگ(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آخري ٻن ڏينهن ۾ اسرائيل کي وڏي مار پئي، ايران به هاڻ ڪڏهن به پنهنجو ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع نٿو ڪري سگهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دي هيگ ۾ ٿيندڙ "نيٽو سمٽ” دوران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٿيل تازي جنگ بندي، ايران جي ايٽمي مرڪزن تي حملن ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن بابت اهم ڳالهيون ڪيون.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته ايران طرفان شديد ميزائل حملن کان پوءِ اسرائيل جنگبندي لاءِ آمريڪا کان مدد جي اپيل ڪئي. هن دعويٰ ڪئي ته ايران-اسرائيل جنگبندي تي سٺي نموني عمل ٿي رهيو آهي ۽ هن اهو به چيو ته سندس چوڻ تي اسرائيلي جهاز واپس ويا هئا. صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن تسليم ڪيو ته بس هاڻي گهڻو ٿي ويو ۽ جنگبندي کي هڪ موقعو ڏنو وڃي. هن زور ڀريو ته اسان تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ايران ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته ايران ۽ اسرائيل ٻئي ٿڪجي چڪا آهن. هن چيو ته تازن آمريڪي حملن جي ذڪر ڪندي، ٽرمپ چيو ته اسان لڳ ڀڳ 30 منزل هيٺ ٺهيل ٿاڪن کي تباهه ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته فردو جوهري مرڪز هاڻي مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. ٽرمپ چيوته اسان ايران کي يورينيم رچائڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، هاڻ ايران ڪڏهن به پنهنجو ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع نٿو ڪري سگهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران وري اڏا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسين ٻيهر حملو ڪنداسين. ٽرمپ ايران ۽ ان جي عوام لاءِ تعريفي جملا ادا ڪندي چيو ته ايران هڪ بهترين ملڪ آهي ۽ اتي جي قوم به بهترين آهي  پر ساڳي وقت خبردار ڪيو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نٿو حاصل ڪري سگهي. هن جنگبندي کي ايران لاءِ به فتح قرار ڏيندي چيو ته انهن جو ملڪ بچي ويو ۽ زور ڀريو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي. غزه واري معاملي تي ٽرمپ چيو ته وڏي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ آمريڪي عملدار ونڪوف کان ٻڌو ته غزه جو مسئلو جلد حل ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته روسي صدر گذريل ڏينهن ايران جي معاملي تي مدد جي آڇ ڪئي هئي. ايران طرفان ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جي اعلان تي ٽرمپ چيو ته ها، ڪجهه جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ٿيون آهن پر مجموعي طور تي ٻئي ڌريون پٺتي هٽيون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته ايران طرفان شديد ميزائل حملن کان پوءِ اسرائيل جنگبندي لاءِ آمريڪا کان مدد جي اپيل ڪئي. صدر ٽرمپ چيو ته آخري ٻه ڏينهن اسرائيل لاءِ تمام ڳرا ثابت ٿيا، ايران جي بيلسٽڪ ميزائلن تل ابيب سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي مچائي، بيشمار عمارتون کنڊر بڻجي ويون آهن. هن واضح طور چيو ته ايران جي ميزائل حملن اسرائيل جي دفاعي صلاحيت تي وڏا سوال اٿاري ڇڏيا، جنهن کان پوءِ آمريڪا ٽوماهاڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي جوابي ڪارروائي ڪئي. اسرائيل وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي جي صلاحيت ناهي. ٻئي طرف، پينٽاگون جي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ايران جي جوهري اڏن  تي ٿيل آمريڪي حملا مڪمل ڪامياب نه رهيا، جنهن سبب ايران جو ايٽمي پروگرام ممڪن آهي ته ٻيهر هلي پوي. هن چيو ته ايران چين سميت جنهن کي چاهي تيل وڪرو ڪري سگهي ٿو، ايران کي نئين سر تعمير لاءِ پئسن جي ضرورت آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جو ذڪر ڪندي، پاڪ فوج جي سپهه سالار  فيلڊ مارشل عاصم منير جي واکاڻ ڪئي آهي.نيٽو سمٽ ۾ خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اسان جنگبندي ڪرائي، ٻنهي ملڪن وٽ ايٽمي هٿيار آهن، ۽ صورتحال ڪنهن به وقت ايٽمي تڪرار ۾ تبديل ٿي سگهي پئي. اسان ٻنهي ملڪن کي چيو ته جنگ نه، واپار ڪريو. صدر ٽرمپ ٻڌايو ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان منهنجي ملاقات ٿي، هو هڪ بهترين ۽ اثرائتي شخصيت رکن ٿا، هو واقعي سٺا انسان آهن. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اسرائيل ۽ ايران، روانڊا ۽ ڪانگو، ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اسان جنگبنديون ڪرايون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايراني قيادت سان ايندڙ هفتي ملاقات طئي آهي، معاهدو به ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته آمريڪا ايندڙ هفتي ايران سان ڳالهيون ڪندو ۽ تهران جي جوهري پروگرام تي امڪاني معاهدو غور هيٺ آهي، مان نٿو ڄاڻيان پر شايد اهو ڪو معاهدو ڪري وٺون.سندس چوڻ هو ته مان جلد روس ۽ يوڪرين جو تڪرار به حل ڪرائينداسين، پيوٽن سان جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهائيندس، توڙي جو اها جنگ روڪرائڻ ڏکيو ڪم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.