زمينون ڌارين کي ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي:اياز پليجو

مقصودو رند(ن ع آ)قومي عوامي تحريڪ ضلعي  سانگهڙ پاران مقصودو رند ۾ ڪينالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ  خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو،محمود رخشاڻي، صدام کوسو، امداد چنا،حضور بخش ڏاھري، ھادي بخش کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاھده ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پنجٽن پاڪ پيٽرول پمپ کان   پيادل مارچ شروع ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف روڊن تان ٿيندو حسيني چوڪ وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي خطاب چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاھيو ته ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ پکڙجي، سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي اٽڪلون ڪري سڄي سنڌ کي ٺڳي سان گڏ ڪري ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ويهاري ڇڏيائون، ھي سنڌ سان دوکو ڪيو ويو ھو، ڪاميابي ناھي، احتجاج تيسين جاري رکبو جيسين صدر ۽ وزير اعظم گڏجي ڪينال منصوبي جي خاتمي جو اعلان نٿا ڪن، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌارين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳايو ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا،هن چيو ته  حڪمرانن ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن ،ست ڪڙور سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن تنھن ڪري انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا سنڌين کي ڪير دسي سگھندو ست ڪڙور سنڌي ھنن جي خطرناڪ سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. هن چيو ته سنڌ کي اھڙي جمھوريت نه گھرجي جيڪا سنڌ جي وسيلن تي ھلي ۽ سنڌ جا ماڻھو غربت ۽ بدحالي جو شڪار ڪيا وڃن،هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪري زمينن جي واپسي جو ۽ وفاق ڪينالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري.محمود رخشاڻي چيو ته  پاڻي زندگي آھي،سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نه ڪئي ويندي،صدام کوسو چيو ته  سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين.زاھده ڏاھري چيو ته  سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪو نه  ويهندو. سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي، حضور بخش ڏاھري خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو،ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪميٽي جي اڳواڻ اڪبر خان جتوئي،نوجوان ليکڪ بهادر رند،ڪراچي ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ادريس چانڊيو ، محمد ادريس بروھي حبيب جتوئي،ڊاڪٽر عبيد الله رند ايڊوڪيٽ حبيب الرحمان رند، صدام کوسو خطاب دوران ڊاڪٽر عبدالرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو،جلسي دوران نوجوان ڪمال الدين ڏاھري ڊاڪٽر عبدالرحمان رند تي ٺاهيل گيت پيش ڪندي داد حاصل ڪيو ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.