ذوالفقار ميراڻي سميت چئن کنڀيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ڪراچي(رپورٽر) حيدرآباد پوليس پاران 12 جون تي ريوينيو اپارٽمينٽ مان کنڀي گم ڪيل شاھجھان ميراڻي، 18 جون تي سچل ڳوٺڪراچي مان پوليس آفيسر (آئي او) ذولفقار علي ميراڻي، نوشھروفيروز مان سُھيل ميراڻي ۽ مھراڻ ميراڻي جي گھر ڀاتين پاران سندن آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 72 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي، جڏھن ته وارثن جو چوڻ آھي ته ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو ۽ سموري حيدرآباد جي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت سول ڪپڙن ۾ ملبوس پوليس اھلڪارن پاران اسان جي گھرن تي چڙھايون ڪري اسان جي گھر جي ڪمائيندڙ ۽ اھم فردن کي گرفتاري بعد لاپتا ڪري ڇڏيو آھي، وڌيڪ وارثن جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن ذولفقار ميراڻي، شاھجھان ميراڻي، سھيل ميراڻي ۽ مھراڻ ميراڻي جو ڪو به ڏوهه آھي ته انھن کي ظاھر ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.