اسرائيلي حملي ۾ شهيد قرار ڏنل ايراني قدس فورس جو سربراهه سامهون اچي ويو، وڊيو وائرل

تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حملي ۾ شهيد قرار ڏنل ايراني قدس فورس جو سربراهه سامهون اچي ويو.
عرب ميڊيا موجب، ايران جي قدس فورس جو سربراهه جنرل اسماعيل قاني زنده آهي ۽ سندس شهادت بابت خبر غلط ثابت ٿي آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته جنرل اسماعيل قاني کي تهران ۾ ملهايل فتح جي جشن دوران ڏٺو ويو، جتي ماڻهن سندس پُرجوش آجيان ڪئي ۽ ان موقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
واضح رهي ته آمريڪي رسالي دعويٰ ڪئي هئي ته 13 جون تي ٿيل اسرائيلي حملن ۾ اسماعيل قاني شهيد ٿي ويو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به ايراني سپريم ليڊر جي اعلي صلاحڪار علي شمخاني جي شهيد ٿيڻ واري خبر غلط ثابت ٿي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هن بيان ڏيندي چيو هو ته هو زنده آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.