لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان پاڪستان تي اعتماد بحال ٿيڻ بعد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پاٿ وي سيريز، اڪيڊمي ايڪسچينج ۽ ٻيون گڏيل سرگرميون ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هاءِ پرفارمنس شعبي طرفان ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ آسٽريليا سميت ٻين ملڪن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي بورڊن جي لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي.
جنهن جو هڪ اهم فائدو اِهو آهي ته پاڪستاني رانديگر وڏي انگ بي بي ايل (بِگ بَيش ليگ) ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڳ ۾ اين او سي حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا هوندا هئا،جڏهن ته هاڻ ڊرافٽ کان اڳ ئي رانديگرن کي اين او سي جاري ٿي ويا آهن.
ذريعن موجب، ”اي“ ٽيم، انڊر-19 ۽ وومين ٽيمن جي گڏيل دورن بابت به ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته پي سي بي جو هاءِ پرفارمنس ڊپارٽمينٽ اڪيڊمي ايڪسچينج پروگرامن جو به خواهشمند آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر عاقب جاويد رانديگرن جي ايڪسپوزر لاءِ آسٽريليا، انگلينڊ سميت ٻين ملڪن سان به موقعا ڳولي رهيو آهي، ۽ هو چاهي ٿو ته وڌ کان وڌ رانديگر انهن ملڪن ۾ کيڏڻ وڃن، جنهن لاءِ لاڳاپن جو بهتر هئڻ ضروري آهي.
ذريعن موجب، اعتماد بحالي سبب ايندڙ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ به وڌيڪ آسٽريلوي رانديگرن جي شموليت جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرينبرگ ايندڙ سال پاڪستان دوري جي تصديق پڻ ڪئي هئي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، بي بي ايل ڊرافٽ ۾ ڪُل 7 پاڪستاني رانديگر چونڊيا ويا آهن.
بِگ بَيش ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي وڏي انگ ۾ شموليت جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
You might also like