نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ليڊز ۾ انگلينڊ هٿان ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ليڊز ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت پهرين اننگز ۾ 471 ۽ ٻي اننگز ۾ 364 رنس ٺاهيون، جڏهن ته انگلينڊ 465 ۽ 373 رنس اسڪور ڪيو.
انگلينڊ 371 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڀارت کي شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ ڀارتي ٽيم ڪرڪيٽ تاريخ جي اها پهرين ٽيم بڻي جيڪا هڪ ٽيسٽ ۾ 5 سينچريون ڪرڻ باوجود ميچ هارائي وئي.
سنيل گواسڪر ميچ کانپوءِ چيو ته ” جيڪڏهن ڪو کٽڻ جو حقدار هو ته اُها انگلش ٽيم هئي، ڀارت وٽ 5 سينچريون هيون، پر اِها انگلينڊ جي اعتماد کي مات نه ڏئي سگهي، ڀارتي ٽيم موقعو وڃائي ڇڏيو، جڏهن ته واڌو رنسن جو به تمام وڏو فرق پيو.
هن فيلڊنگ جي معيار تي سوال اُٿاريندي چيو ته ” نه رڳو ڪيچز ڊراپ ڪيا ويا، پر آئوٽ فليڊ انتهائي گهٽ معيار جي هئي، فٽنيس ۽ ڌيان جو فقدان نظر آيو.“
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ” بيٽنگ لاءِ پِچ ڏاڍي سازگار هئي، ان ڪري بالرن تي تنقيد ڪرڻ غلط هوندو، اميد ته پهرين ٽيسٽ مان رانديگر سبق سکندا.“
سنيل گواسڪر رانديگرن کي مخاطب ٿيندي چيو ” ايندڙ ٽيسٽ ۾ اڃا 8 ڏينهن پيا آهن، ٻه ڏينهن آرام ڪريو، پر پوءِ سنجيدگيءَ سان پريڪٽس ڪريو، اوهان هتي ڀارت لاءِ کيڏي رهيا آهيو، اهڙي تياري ڪريو جو ميدان تي نظر اچي توهان کي پنهنجو بهترين ڏيڻو آهي.“
هيڊنگلي ٽيسٽ:5 سينچرين باوجود ڀارت کي انگلينڊ هٿان تاريخي شڪست، گواسڪر آپي مان نڪري ويو
You might also like