تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل کي وائٽ هائوس ۾ اڃا تائين ڊونلڊ ٽرمپ کان بهتر ڪو دوست نه مليو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هڪ بيان دوران نيتن ياهو ٽرمپ جي موقف کي ورجائيندي چيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر ائٽمي منصوبي جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ناڪام بڻائينداسين.
نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل پنهنجن وجود لاءِ خطرو بڻيل ٻن وڏن منصوبن، يعني ايران جي ائٽمي ۽ ميزائل منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايران خلاف هڪ اهڙي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جيڪا نسلن تائين ياد رکي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته وائٽ هائوس ۾ اسرائيل کي ٽرمپ کان بهتر دوست ڪڏهن به نه مليو، اسان حماس کي شڪست ڏينداسين ۽ غزا مان زندهه ۽ مارجي ويل يرغمالين کي واپس آڻينداسين.
You might also like