سنڌ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديلين کان متاثر صوبو آهي:ماهر

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان ۾ زرعي ۽ خوراڪي نظام کي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان محفوظ رکڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري لاءِ هڪ اهم ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مرڪزي ڌيان سنڌ سميت پاڪستان جي آفتن کان متاثر ٿيندڙ علائقن جي بچاءَ تي هو، ھي ڪانفرنس چيسوي پاڪستان ۽ ايف آر ڊي پي جي سهڪار سان ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مقررن چيو ته سنڌ، پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ موسمي خطري وارو صوبو آهي، جتي وڌندڙ گرمي، پاڻي جي کوٽ، وقت کان اڳ يا پوءِ برساتون، سامونڊي طوفان ۽ سامونڊي پٽيءَ سان لاڳاپيل خطرا تيزي سان وڌي رهيا آهن، چيف ميٽرولوجسٽ امير حيدر چيو ته سنڌ ۾ گرمي جي شدت، برساتن ۾ گهٽتائي ۽ پاڻي جي کوٽ واضح طور تي موسمياتي تبديليءَ جا اثر آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ زرعي ۽ خوراڪي تحفظ لاءِ سنگين چئلينج بڻجي سگهن ٿا،هن چيو ته ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر گرميءَ جي لهرن ۽ ٻوڏن جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن، ماهرن چيو ته ڪلائمينٽ اسمارٽ ايگريڪلچر ذريعي فصلن جي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي، موسمي خطرن کان بچاءَ ممڪن آهي ۽ ماحولياتي آلودگيءَ ۾ به گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، مقررن وڌيڪ چيو ته گهٽ پاڻيءَ سان فصل پوکڻ، موسم سان هم آهنگ ٻج، زرخيزي وڌائيندڙ طريقا ۽ ڊيجيٽل ڊيٽا رڪارڊنگ جهڙا اوزار زميندارن کي موسم جي اڳڪٿي تحت بروقت فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.