ڪراچي (رپورٽر) لياري سان واسطو رکندڙ، پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ عالمي چيمپيئن باڪسر عاليا سومرو کي سوشل ميڊيا ذريعي ڌمڪيون مليون، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کان مليل انعام مان رقم طلب ڪئي وئي. عاليا سومرو جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، هن الزام هنيو ته اڳوڻو گينگ وار جو شخص ۽ جعلي ميڊيا جو نمائندو ظاهر ڪندڙ هراسان ڪري رهيو آهي. پوليس وڊيو جو نوٽيس وٺي، جاچ شروع ڪري ڇڏي. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب عاليا سڪيورٽي لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو. کيس تحفظ جي خاطري ڪرائي وئي، معاملي کي اڳتي وڌائيندي ايف آءِ اي حوالي ڪرڻجو فيصلو ٿيو هو پر هاڻي عاليا سومرو جي والدين قانوني ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. والدين جو چوڻ آهي ته معاملو لياري جي معزز بزرگن وچ ۾ طئي ٿي ويو آهي. ياد رهي ته عاليا سومرو ٿائيلينڊ جي باڪسر کي 45 سيڪنڊن ۾ ناڪ آئوٽ ڪري، ڊبليو بي اي ايشيا ٽائيٽل کٽي پاڪستان جي پهرين عالمي چيمپيئن عورت بڻجي وئي هئي.