تهران (م ڊ) ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي سربراهه محمد اسلامي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي باوجود ايران جو جوهري پروگرام جاري رهندو، ڇاڪاڻ ته اڳواٽ اپاءَ وٺي چڪا آهيون. ايراني خابرو اداري موجب، محمد اسلامي چيو ته ايٽمي سرگرمين کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جامع منصوبا اڳواٽ تيار ڪيا ويا هئا، جن تحت پيداوار ۽ سهولتن جي تسلسل کي برقرار رکيو ويندو. هن ٻڌايو ته ايٽمي ٺڪاڻن تي ٿيل حملي کانپوءِ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. دشمن جو ايران جي ايٽمي صنعت کي مڪمل تباهه ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ڇو ته ايران وٽ ڪم جاري رکڻ جي صلاحيت موجود آهي.