واشنگٽن (م ڊ) 2025 جي ڊيموڪريسي پرسپشن انڊيڪس موجب چين عالمي سطح تي آمريڪا کان وڌيڪ مقبول بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ٽرمپ کي سڀ کان گهٽ پسند ڪيل عالمي اڳواڻ قرار ڏنوويو آهي. آمريڪا جي مقبوليت 2022 ۾ هاڪاري 20 سيڪڙو کان گهٽجي 2025 تائين ڪاٽو 5 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته چين جي شهرت ساڳئي عرصي دوران لڳاتار بهتر ٿي ۽ هاڻي 14 سيڪڙو هاڪاري تاثر سان اڳڀرو آهي. روس جي مقبوليت به اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه بهتري ٿي آهي، پر اڃا تائين اها ڪاٽو 9 سيڪڙو تي آهي. سياسي اڳواڻن جي مقبوليت بابت رپورٽ مطابق، اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 58 سيڪڙو ناڪاري تاثر سان سڀ کان گهٽ مقبول عالمي اڳواڻ قرار ڏنو ويو آهي، 27 سيڪڙو هاڪاري راءِ ملي، جڏهن ته چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پوٽن ٻنهي کي 32 سيڪڙو هاڪاري راءِ ملي، جيتوڻيڪ ناڪاري تاثر سندن به رهيو. ايلون مسڪ جي مقبوليت 31 سيڪڙو هاڪاري ۽ 42 سيڪڙو ناڪاري سطح تي رهي. اسرائيل جي شهرت بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ بدنام ملڪ قرار ڏنو ويو، خاص طور تي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾. سروي موجب، يورپ جهڙن اتحادي ملڪن، خاص ڪري جرمني ۾ به اسرائيل بابت بيزاري وڌي وئي آهي، جيڪو غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ ان جي حڪومت جي روين خلاف وڌندڙ بيچيني جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران تي ڪيل هوائي حملن کي ملڪ اندر اڪثريت ناپسند ڪري رهي آهي. سي اين اين ۽ ايس ايس آر ايس پاران 22 ۽ 23 جون تي ڪرايل سروي موجب 56 سيڪڙو آمريڪين حملي جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته رڳو 44 سيڪڙو ان جي حمايت ڪئي. سروي مان ظاهر ٿيو آهي ته آمريڪين جي اڪثريت صدر ٽرمپ جي فيصلن تي اعتماد نٿي ڪري. 60 سيڪڙو ماڻهن کي خدشو آهي ته اهي حملا ايران طرفان آمريڪا لاءِ خطرو وڌائيندا. ڊيموڪريٽس (88 سيڪڙو) ۽ آزادي پسند ووٽر (60 سيڪڙو) حملي کي غلط قرار ڏنو، جڏهن ته رپبلڪنن مان 82 سيڪڙو حمايت ڪئي ۽ 44 سيڪڙو اهڙا هئا جن سخت حمايت جو اظهار ڪيو. 58 سيڪڙو آمريڪي سمجهن ٿا ته حملن سان خطرو وڌي ويو ۽ 27 سيڪڙو سمجهن ٿا ته خطرو گهٽيو. 55 سيڪڙو آمريڪي شهري صدر ٽرمپ تي اعتماد نٿا ڪن، 65 سيڪڙو چون ٿا ته مستقبل ۾ فوجي ڪارروائي کان اڳ ڪانگريس جي منظوري وٺڻ لازمي هجڻ گهرجي. 75 سيڪڙو نوجوانن جو به اهو ئي خيال آهي.