جنگ بندي ۾ ايران کي راضي ڪرڻ لاءِ قطر اهم ڪردار ادا ڪيو

واشنگٽن(م ڊ) ايران ۽ اسرائيل ۾ جنگ بندي لاءِ ايران کي راضي ڪرڻ لاءِ آمريڪا قطر سان رابطو ڪيو، جنهن ايران کي جنگ بندي لاءِراضي ڪيو. قطر ۾ ايراني حملن کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس، قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي تجويز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. خابرو ايجنسي موجب، ٽرمپ ۽ وينس قطري امير سان ايران-اسرائيل جنگبندي تي صلاح مشورو ڪيو، جتي ٽرمپ امير قطر کي آگاهه ڪيو ته اسرائيل جنگبندي لاءِ تيار آهي. ٽرمپ قطري امير کي چيو ته ايران کي جنگبندي لاءِ راضي ڪرڻ ۾ مدد ڏيو. ان کان پوءِ قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبد الرحمان الثاني، ايراني اختيارين سان ڳالهين ذريعي آمريڪي تجويز تي انهن کي راضي ڪيو. واضح رهي ته صدر ٽرمپ، پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم "ٽروٿ سوشل” تي بيان جاري ڪندي چيو:”سڀني ماڻهن کي مبارڪ هجي! ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مڪمل جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي.”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.