گهوٽڪي (ڊ ر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پنهنجي ڀاءُ جي يتيم ٻچڙن سان گڏ ميرپور ماٿيلي ٿاڻي جي سامهون ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ جي گاڏي آڏو احتجاج ڪندي فرياد ڪئي ته اسان جي فرياد ٻڌو، يا شهيد جي ٻچڙن سميت گرفتار ڪريو! پر ايس ايس پي گهوٽڪي کين ڊي آءِ جي سان ملڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد شروع ٿي وئي. تبصرن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ايس ايس پي گهوٽڪي قاتلن جي گرفتاري جهڙي جرئت نٿو رکي، ته گهٽ ۾ گهٽ هو شهيد جي پگهر ۾ ٻڏل ٻچڙن جي مٿي تي هٿ رکي، ڀاءُ يعقوب کي ڀاڪر پائي ڊي آءِ جي سان ملڻ ڏنو وڃي ها، ڊي آءِ جي انصاف جو ڪوڙو ئي سهي، پر دلاسو ته ڏئي ها.