خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو+عبدالمتين مهر) سينٽرل جيل خيرپور ۾ حاضري تان واپس ايندڙ قيدين کي کڻي ايندڙ پوليس وين جڏهن جيل جي اندرين گيٽ وٽ پهتي ته قيدي وين مان لهي جيل جي ماڙيء اندر وڃي رهيا هئا ته اُتي موجود تاڙ ۾ بيٺل 5 هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ قيدي هاشم رند ٿڏي تي مارجي ويو ، جڏهن ته 2 قيدي امام الدين رند۽ سڪندر گوپانگ سخت زخمي ٿي پيا، موقعي تي موجود پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ حملو ڪندڙ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، جنهن جي سڃاڻپ وهاب رند ولد رانجهن رند طور ٿي وئي آهي. ياد رهي ته ٽي مهينا اڳ ڳوٺ سنهڙو رند واسي جيل پوليس جي اهلڪار عالم خان رند جي پٽ ناصر حسين رند کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو هو جنهن جو الزام عبدالواحد رند ڌر تي لڳل هو، ناصر رند جي قتل الزام هيٺ هاشم رند ۽ امان الدين رند جيل ۾ هيا، ۽ اڱاري ڏينهن لاڳاپيل عدالت ۾ حاضري تي ويل هئا، ٻنهي رند ڌرين جي ٺاھ لاءِ ميڙ منٿ قافلا مقتول ناصر حسين رند جي وارثن وٽ ويا پر مقتول ناصر حسين رند جي والد جيل پوليس اهلڪار عالم خان رند فيصلو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جوابدار وهاب رند 4 ساٿين سميت ان وقت قيدين تي فائرنگ ڪئي جنهن وقت هو جيل جي اندرين گيٽ وٽ پوليس وين مان لهي جيل جي اندر وڃي رهيا هئا ته تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ هاشم رند ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته امام الدين رند، سڪندر گوپانگ سخت زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين ٽنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جيل اندر سخت سيڪيورٽي هجڻ باوجود جوابدار هٿيارن سميت جيل اندر پهچي وڃڻ جيل سيڪيورٽي لاءِ سوين سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي ، ڊي آئي بي انچارج علي گل ملاح، ايس ايڇ او اي سيڪشن واقعي واري هنڌ پهچي ويا،آخري اطلاعن تائين واقعي جو جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.