همايون سعيد ۽ ماهران خان جي ” لَو گُرُو “ ڪاميابيءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) همايون سعيد ۽ ماهرا خان جي ميگا بجيٽ فلم ”لو گرو“ 16 ڏينهن اندر پنهنجي خرچ کان ٽيڻ تي ڪمائي ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو .
عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 6 جون تي” لو گرو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي وئي هئي، جنهنرليز جي شروعاتي ٽن ڏينهن اندر ئي 15 ڪروڙ روپين جي رڪارڊ ڪمائي ڪئي.
فلم جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ موجب، 22 جون تائين فلم پاڪستان ۽ پرڏيهه مان گڏيل طور تي 70 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪي آهي، جن مان 37 ڪروڙ رپيا پاڪستان مان ۽ 33 ڪروڙ رپيا ٻاهرين ملڪن مان حاصل ٿيا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فلم ’لو گرو‘ برطانيا ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، جتي ان فلم ’هائوس فل 5‘ جهڙي ڀارتي ميگا بجيٽ فلم کي به پوئتي ڇڏي ڏنو” لو گرو“ برطانيا ۾ 9 ڏينهن دوران 75 هزار پائونڊ جو ڪاروبار ڪري چڪي آهي.
همايون سعيد فلم جي رليز کان اڳ ٻڌايو هو ته هن فلم تي 25 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ 50 ڪروڙ رپيا ڪمائڻ جي اميد آهي، پر فلم ان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.
اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ’لو گرو‘ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ئي 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويندي، جيڪو همايون سعيد جي فلمي ڪيريئر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.