ايراني جيل تي اسرائيلي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: گڏيل قومون

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته ايراني جيل تي اسرائيلي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
انساني حقن جي حوالي سان گڏيل قومن جي ترجمان ثمين الخيطان جنيوا ۾ اڱاري ڏينهن اسرائيل جو نالو کڻڻ بنا چيو ته اوين جيل ڪو فوجي هدف ناهي ۽ ان کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني حقن جي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن بابت آفيس کي اوين جيل ۾ باهه لڳڻ ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.