شتروگهن جي ڌيءَ هئڻ جو فائدو ٿيو، پر ڪئميرا آڏو پاڻ پرفارم ڪري ڪاميابي ماڻي آهي: سوناڪشي سنها

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سوناڪشي سنها جنهن فلم ”دبنگ“ سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، تازو هڪ انٽرويو ۾ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته دبنگ جي سيٽ تي پهرين ڏينهن جو پهريون منظر اڄ به ياد آهي.
سندس چوڻ هو ته اداڪار شتروگهن سنها جي ڌيءَ هجڻ سبب کيس سيٽ جو ماحول ڪجهه سڃاتل لڳو، پر جڏهن هو پاڻ ڪئميرا جي آڏو آئي ته اهو لمحو مڪمل طور نئون ۽ خاص هو.
سوناڪشي چيو ته کيس ان وقت اداڪاري جو ڪو به تجربو نه هو نه ئي ڪنهن ڪلاس، ورڪشاپ يا ڊانس ٽريننگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. جيڪو ڪجهه سکيو، اهو سڀ سيٽ تي سکيو.
هن ٻڌايو ته سلمان خان ۽ ارباز خان سيٽ تي موجود هئا ۽ سڀني سندس تمام گهڻو خيال رکيو ڇو ته هو ڄاڻن پيا ته هو شتروگهن سنها جي ڌيءَ کي لانچ ڪري رهيا آهن.
سلمان خان بابت ڳالهائيندي سوناڪشي چيو ته سلمان کيس سکڻ جو موقعو ڏنو، هو بلڪل اهڙو ئي جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هو ڪڏهن ڪڏهن شاٽ دوران پٺيان بيهي گڙٻڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو هو، پر ان سان کيس اعتماد وڌائڻ ۾ مدد ملي.
هن اهو به چيو ته فلم جو پهريون شاٽ تمام جذباتي هو، جنهن ۾ ڀاءُ جي موت جو منظر هو، اھو منظر هن ڪنهن طريقي سان مڪمل ڪيو.
سوناڪشي موجب، اسڪرِين تي روئڻ هميشه کان هن لاءِ مشڪل رهيو آهي، ڇو ته سيٽ تي ڪيترن ئي ماڻهن جي موجودگيءَ سبب جذباتي ٿيڻ آسان ناهي هوندو.
هن اهو به انڪشاف ڪيو ته دبنگ ۾ سلمان خان سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ هوءَ آساني سان ٻين وڏن اداڪارن جهڙوڪ اڪشي ڪمار ۽ اجئه ديوگن سان ڪم ڪرڻ جي قابل ٿي.
واضح رهي ته سوناڪشي جلد ئي فلم ”نڪيتا راءِ“ ۾ مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي جيڪا 27 جون تي رليز ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.