ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، ڀارتي حمايت يافتا 11 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر ۽ لانس نائيڪ شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغا ۾ فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايات يافتا 11 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي پاڪ فوج جي ميجر ۽ لانس نائيڪ شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي 11 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته 7 دهشتگرد زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ميجر معيز عباس شاهه بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي، 37 ورهين جي ميجر معيز جو واسطو چڪوال سان هو، جڏهن ته بنون واسي لانس نائيڪ جبران الله به شهيد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.