لڳ ڀڳ هر اينڊرائيڊ سمارٽ فون واهپيدار کي ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙي صورتحال جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، جڏهن فون هينگ ٿيڻ لڳندي آهي، اِهو مسئلو خاص طور تي سستي يا وچولي قيمت وارن سمارٽ فونز ۾ عام آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن مهانگن فونز ۾ ائين ٿيندو آهي.
فون جي هينگ ٿيڻ جا ڪجهه اهم سبب هوندا آهن، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه سادي اپائن ذريعي توهان ان مسئلي کان بچي سگهو ٿا.
آپريٽنگ سسٽم کي اپڊيٽ ڪريو
هر نئين اپڊيٽ سان ڊيوائس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
اينڊرائيڊ ڊيولپرس سڄي سسٽم جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ڦيرڦار آڻين ٿا، خاص ڪري سيڪيورٽي سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪيو ويندو آهي.
جيڪڏهن توهان جو فون هينگ پيو ٿئي ته ممڪن آهي ته توهان سسٽم اپڊيٽ کي نظرانداز ڪيو هجي، تنهنڪري ان کي لاذمي اپڊيٽ ڪريو.
ايپس کي به اپڊيٽ ڪريو
سسٽم جي اپڊيٽ سان گڏوگڏ توهان جي استعمال هيٺ ايپس کي به وقت سر اپڊيٽ ڪرڻ ضروري آهي، پراڻيون ايپس صحيح نموني ڪم نه ڪنديون آهن، جنهن سبب فون به سست يا هينگ ٿيڻ لڳي ٿو.
CACHE ڊيٽا گهڻو ٿيڻ
فون جي رئم ۾ ڪجهه ڊيٽا عارضي طور محفوظ ٿيندي آهي، جنهن کي ” CACHE “ چيو ويندو آهي. جيڪڏهن اِها ڊيٽا گهڻي ٿي وڃي ته ايپس سست ٿي وينديون آهن، تنهنڪري فون جي سيٽنگز ۾ وڃي ان کي صاف ڪريو.
پس منظر ۾ هلندڙ ايپس
سستن فونز ۾ محدود رئم هوندي آهي. جيڪڏهن گهڻيون ايپس هڪ ئي وقت هلنديون رهن ته فون سست ٿي ويندي آهي، ان لاءِ غير ضروري ايپس کي ”فورس اسٽاپ“ ڪريو.
اسٽوريج ڀرجڻ
رڳو رئم تي نه پر اسٽوريج تي به ڌيان ڏيو، جيڪڏهن اسٽوريج ڀرجي وئي آهي ته غير ضروري فائلون، وڊيوز ۽ ايپس کي ختم ڪريو ۽ ها ڊپليڪيٽ فائلون به ختم ڪرڻ نه وسارجو.
وائرس
جيڪڏهن مٿين ڳالهين تي عمل ڪرڻ باوجود فون هينگ پيو ٿئي ته ممڪن آهي ته فون ۾ وائرس هجي، ان لاءِ سٺي اينٽي وائرس ايپليڪيشن استعمال ڪريو.
فون ري اسٽارٽ ڪريو
گهڻي ڀاڱي حالتن ۾ فون کي بند ڪري ٻيهر کولڻ سان به مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ان سان عارضي فائلون ختم ٿين ٿيون ۽ ميموري صاف ٿي وڃي ٿي، جنهن سان فون جي ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي.
اهي ڪجهه سادا ۽ اهم اپاءَ آهن، جيڪي توهان کي فون هينگ ٿيڻ واري مسئلي کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.