اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران – اسرائيل جنگبندي بابت بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جنگبندي سٺو سنئوڻ آهي، ايران وڏي دشمن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ جارحاڻي انداز ۾ پنهنجو دفاع ڪيو.
هن چيو ته ايران جي عوام ۽ ايراني حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، پاڪستان کي ڀارت ۽ ايران کي اسرائيل خلاف فتح نصيب ٿي، مسلمانن کي ٻه ڀيرا فتح ملي، بس دعا آهي ته الله پاڪ غزا جي مسلمانن تي رحم ڪري.
Prev Post
You might also like