ڪوئيٽا: اولهه باءِ پاس تي رڪشا ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر، 6 مسافر فوت، 7 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ اولهه باءِ پاس تي پيٽرول ڊرمن سان ڀريل لوڊر رڪشا ۽ بس ۾ ٽڪر کانپوءِ باهه ڀڙڪڻ سبب 6 مسافر فوت، جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.
نوان ڪلي کان هزار گنجي ويندڙ بس ۽ رڪشا ۾ اولهه باءِ پاس ڪلي رئيساڻي واري هنڌ ٽڪر ٿيو.
اطلاع تي ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.
ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته باهه سبب بس مڪمل طور سڙي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.