نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع اڃا تائين غير يقيني جا ڪڪر ڇانيل آهن پر ان دوران ڀارتي اسپورٽس چينل سوني اسپورٽس طرفان جاري ڪيل پوسٽر نئين تڪرار کي جنم ڏنو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي سوني اسپورٽس طرفان شيئر ڪيل پوسٽر ۾ رڳو ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي ڪپتانن کي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي نمائندگي مڪمل طور تي نظرانداز ڪئي وئي آهي.
پوسٽر جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڪستاني مداح سخت ردعمل ڏئي رهيا آهن، ڪيترن ئي واهپيدارن ڀارتي براڊڪاسٽر تي جانبداري جو الزام لڳائيندي چيو ته راند کان اڳ ماحول گرمائڻ لاءِ اهڙي حرڪت ڪئي وئي آهي، جيڪا راند جي اصل اسپرٽ جي خلاف آهي.
ان کان اڳ به رپورٽون سامهون آيون هيون ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري سرحدي تڪرار باوجود ڀارتي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، جنهن کانپوءِ اِهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ هڪ هاءِ وولٽيچ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو.
ايشيا ڪپ جي ميزباني گڏيل عرب امارتن وٽ آهي، جڏهن ته براڊڪاسٽنگ ۽ آفيشل حق ڀارت وٽ رهندا.
واضح رهي ته 2025ع وارو ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏو ويندو، جنهن جو مقصد 2026ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تياري ڪرڻ آهي.
جيتوڻيڪ ايشيا ڪپ بابت آفيشل شيڊيول اڃا تائين جاري نه ٿيو آهي، پر سوني اسپورٽس پاران پوسٽر جاري ڪرڻ مان ان ڳالهه جو امڪان وڌي ويو آهي ته نه رڳو ڀارت ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندو پر ايونٽ وقت سر شروع ٿيندو،
You might also like