جنگ ذريعي جمهوريت نه ٿي آڻي سگهجي:نوبل انعام يافتا ايراني عورت

تهران(م ڊ) نوبل انعام يافته انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ نرگس محمدي چيو آهي ته جنگ ذريعي جمهوريت نه ٿي آڻي سگهجي، عرب ميڊيا موجب نرگس محمدي پنهنجي ملڪ ايران تي آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته جنگ ذريعي آزادي، جمهوريت ۽ انساني حقن جو تحفظ نٿو ڪري سگهجي،ناروي جي هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم اسان کي دوزخ ڏي وٺي ويو آهي، نيتن ياهو ته آزادي ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو، نرگس محمدي 2023ع ۾ امن جو نوبل انعام ماڻي چڪي آهي، انٽرويو جي اڪثر حصي ۾ هن اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت ڪئي، هوءَ اڳ به ڪيترائي ڀيرا موجوده ايراني حڪومت تي تنقيد ڪندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.