اونهارو گھڻن حوالن سان اسان جهڙن ديسن لاءِ ناپسنديده موسم سمجھي ويندي آهي. وڏو ستم اهو به آهي ته موسمياتي تبديلين (ڪلائيميٽ چينج) سبب هر سال گرمين جو دؤرانيو وڌندو ٿو وڃي ۽ هاڻي ذري گھٽ بهار ۽ سرءُ به اونهاري جي حد ۾ اچي ٿا وڃن ۽ اسان وٽ مجموعي طور 9 مهينا گرميون رهن ٿيون. باقي 3 مهينن ۾ هڪ سوا مهينو وچٿرِي موسم رهي ٿي، باقي بمشڪل 2 مهينن لاءِ ويچارو سيارو مهمان ٿي اچي ٿو. اونهاري جي بظاهر ڪئين اڻ وڻندڙ ڳالهين سان گڏوگڏ ڪجھه اهم فائدا به آهن، جن منجھان مک فائدا خريف جا اهي فصل به آهن، جيڪي اونهاري جي گرميءَ کانسواءِ پيدا نه ٿا ٿي سگھن، جن ۾ ساريون، ڦُٽيون (ڪپهه)، مڪئي، جُوئر، ٻاجھريءَ سميت ڪئين ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آهن. اونهارو ڀلي گرميءَ سبب اسان لاءِ بيزاريءَ جو باعث هجي، پر جڏهن اونهاري ۾ لهندڙ موسمي ميون جي واپرائڻ جو وارو اچي ٿو ته انهن ميون جو ذائقو، رسُ، هڳاءُ توڙي صحت بخش افاديت گرمين جو غم غلط ڪريو ڇڏي! اهڙن ميون ۾ انب، هنداڻو (ڇانهين)، گدرو، سردي جا ڪئين قسمَ، کارڪُون، آڙو، انگور، ڦاروان، انناس، ڪيلو وغيره شامل آهن، جيڪي واپرائڻ سان گرميءَ ۾ ٿڌو تاثير ڏين ٿا ۽ هانءٌ ٺارين ٿا.
اونهاري جي وڏي ۾ وڏي سوغات، ميون جو بادشاهه ــ ’انبُ‘ آهي، جيڪو هاڻي ته سڄيءَ سنڌ ۾ ٿئي ٿو، پر تاريخي طور تي ان جي پيداوار جي حوالي سان ان جي سڃاڻپ سنڌ جو پنجون وڏو شهر ميرپورخاص ۽ ان ۾ به ان جي نواح ۾ اڳوڻي وزيرِاعظم، محمّد خان جوڻيجي جو اباڻو ڳوٺ ”سنڌڙي“ آهي، جتان پيدا ٿيندڙ ’سنڌڙي‘ انب جي جنس پوري دنيا ۾ سنڌ جي سُڃاڻ آهي. حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين جنهن به موسم ۾ سفر ڪريو، روڊ جي ٻنهي پاسي ٻهڪندڙَ قسمين طرحين باغَ ۽ فروٽ فارمز نه رڳو اکين کي ٿڌڪار بخشن ٿا، بلڪه گاڏيءَ مان لنگھندي ئي انهن جو هڳاءُ من موهيو وجھي. ان خِطي جي مٽي سبزين توڙي ميون جي هر جنس جي افزائش لاءِ موزون ترين آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي زرعي يونيورسٽي ان ئي علائقي (ٽنڊي ڄام) ۾ قائم ڪئي وئي آهي، ته جيئن مختلف جنسن جي افزائش جا تجربا ڪرڻ لاءِ اتان جي مٽي موافق هجي. ڪنهن به علائقي ۾ زرعي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪسوٽي اتان جي اهڙي مٽي ئي هوندي آهي. حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين جي خطي جي مٽيءَ لاءِ عام چوڻي مشهور آهي ته ”ماڻهو پوک ته مٽيءَ مان ماڻهُو ڦُٽيو پوي!“ سو اهڙي ذرخيز مٽي، ”ميون جي بادشاهه“ لاءِ ڪيئن نه موزون هجي! انڪري ئي ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار جا باغَ، انبن جي افزائش لاءِ پوري ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ تائين مشهور آهن. پر ان سان گڏوگڏ نوابشاهه، سانگھڙ، بدين، مٽياريءَ ۽ خيرپور ضلعي جي باغن ۾ به معياري انبن جي جھجھي مقدار ۾ افزائش ٿئي ٿي. خيرپور ضلعو سنڌڙي ۽ چونسي انبَ ۽ نوابشاهه ضلعو دوسهري، چونسي ۽ انور رٽول جي پيداوار جي حوالي سان مشهور آهي. جڏهن ته ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ انب جي لڳ ڀڳ هر جنس وڏي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي.
سنڌ ۾ عام طور تي انب جا لڳ ڀڳ 20 کان وڌيڪ قسم پوکيا وڃن ٿا. جن ۾ (1) سنڌڙي (2) دوسهري (3) چونسو (4) لنگڙو (5) فجري (6) زعيفڻ (7) سهرڻ (8) انور رٽول (9) بيگن پالي (10) کلڻ (11) سرولي (12) الماس (13) گلڻ (14) رتهو (15) کيرسر (16) نيلم (17) جھرڪي (ننڍو انب، جنهن جُون ٻه ڪنڊُون بالڪل جھرڪيءَ جي چهنب ۽ پُڇ وانگر ڀاسنديون آهن) (18) ذوق (19) سندري نمبر 2 (20) سنگين جو انب (21) ڪريلو انب (جنهن جي کل بالڪل ڪريلي جهڙي سائي ۽ کهري هوندي آهي) وغيره پنهنجي سڳنڌ، ميٺاج، رس ۽ ذائقي ۾ منفرد هجڻ ڪري بيحد مقبول آهن.
اونهاري جو ذڪر ايندو ته کارڪن (Dates) جو ذڪر ڪيئن نه ايندو! خيرپور ميرس کي ”کارڪُن جي راڄڌاني“ (Dates Capita1 of Sindh) چيو وڃي ٿو ۽ کجيءَ کي هتان جي مک سوغات سمجھيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ کارڪن جي اُپت ۽ ان سان سلهاڙيل مصنوعات (ڏنگَ ڏوڪن ۽ کارڪن جي حلوي وغيره) جو مرڪز خيرپور ضلعو ئي آهي، جتي سنڌ ۾ کارڪن جي ڪل پيداوار مان تقريباً ٪ 70 هن ضلعي جي 75 هزار ايڪڙن تي پکڙيل باغن ۾ ٿئي ٿي. خيرپور ۾ کجيءَ جون ننڍيون وڏيون، معروف توڙي غيرمعروف 150 کان مٿي جنسون اپايون وڃن ٿيون جن ۾ ڪجھه قسمن (جنسن) جا نالا هي آهن:
(1) اصيل (2) آمهل (3) ڪرڪ (4) بيگم جان (5) عيدي (6) گيهندا (7) قلندر (8) هليل (9) ڪلور (10) شرڪر (11) کوڙي (12) نصراني (13) هڙهو (14) لنگڙِي (15) گهنڙ (16) شڪرا (17) بمڻ (18) ڪچي (19) مترو / متري (20) گونگڙو (21) مهراڻ (22 ) بادشاھڻ (23) ڏيوڍِي (24) نقل ڏيوڍِي (25) مديني واري کارڪَ (26) عليءَ وارِي 1 (27) عليءَ وارِي 2 (28) ڪربلائڻ (29) ڪربلائڻ کرمي وارِي (30) نقل ڪربلائڻ (31) سُرمائڻ (32) عيدن شاھه واري کارڪَ (33) بيگن (34) ننڍي بيگن (35) اصلي بيگن (36) گھوڙي واري کارڪَ (37) ڪلهوڙي وارِي (38) سائو کسي (39) نُوري (40) کر کارڪَ واري (41) ناريل (42) ريوڙِي (43) ڀُڳڙو (44) پِستو (45) ڪشمش (46) زيتون (47) ڏُونگھيءَ وارِي (48) نباتَ (49) مصري (50) جنڊاڻ وارِي (51) ڪلمي شريف واري (52) بصرو (53) نقل بصرو (54) ولايتڻ (55) ولايتڻ ڪارِي (56) ولايتڻ ناسي رنگ واري (57) ولايتڻ نالي وارِي (58) ولايتڻ عيدگاھه واري (59) ولايتڻ وڻَ واري (60) ولايتڻ عبدالغنيءَ واري (61) کرمون (62) صالح ڳوٺِي (63) ڇپر وارِي (64) ننڍِي چَپر (65) کنڀاٽڙي (66) نقل ھوا واري (67) اشرفي (68) حلوائڻ (69) مئه خاني واري (70) پِير واري (71) ڳاڙهي پِير واري (72) ڦاپُلِ واري (73) نقل ڦاپُلِ (74) عَلمَ وارِي (75) بونبڪ (76) گلابي (77) نقل کر (78) لال وارِي (79) ڍنڍي وارِي (80) محمّد بخش واري (81) ڪاشُوءَ واري (82) دودي وارِي (83) رسُولي واري (84) احمد وارِي (85) مبارڪ وارِي (86) علي مردان واري (87) فيض واري (88) فتح عليءَ واري (89) نور محمّد وارِي (90) شاھن ميمڻ واري (91) ناڙي واري (92) کُوھه وارِي ــ1 (93) کوھه وارِي ــ 2 (94) برفي (95) لڏُون (96) نُختي (97) ڄمُون (98) بنانا (99) ماڇِڻ (100) ٺوٺر (101) نقل ٺوٺر (102) گجر واري (103) اڇو ساوڙو (104) اڇو بگڙو (105) چُوپ (106) گلابڻ (107) سدا گلاب (108) بگَ واري (109) فصلي (110) پتاشو (111) پنج ميل (112) الماس (113) الائڻ ڦڪي (114) شاھه واري (115) لھر واري (116) بادامڻ (117) ھوا وارِي اصل (118) قاسماڻي (119) گُندڙو (120) ڳُڙَ واري (121) سگسته (122) آمروز (123) کير پيئڻ (124) قسمت واري (125) کنڀڙي (126) کيکڙو (127) ڊڪي واري (128) ڪول واري (129) جھنگي فصلڻ (130) مٺي وارِي (131) انگري (132) شڪري (133) کنڊ واري (134) اصلي ڪڙھَه (135) نقلي ڪڙھَه (136) رڪڻ (137) اوطاقڻ (138) کر واري (139) گُلَ واري (140) اڇي مٺڙي (141) ساوڙو (142) نقل ساوڙو (143) تار وارِي (144) ڊاک وارِي (145) ڀيڏِر (146) ڳوڙهو (147) سپاري (148) پٿري (149) لوڻ واري (150) يونيورسٽيءَ واري ڳاڙهي کارڪَ (151) رنگل شاھه جِي ڳاڙهي کارڪَ (152) پير شاھه وريل واري کارڪَ وغيره.
انهن جنسن جي افزائش خيرپور ۽ ان جي آسپاس جي ڪئين باغن (ڊيٽ فارمز) ۾ ٿئي ٿي. هتي خانداني ۽ مقامي سطح تي کارڪن جا ڪيترائي باغ (فارمز) آهن، جن ۾ خاص طور ”اصيل“ ۽ عام طور ٻين سمورين مٿين جنسن جي پيداوار ٿئي ٿي. خيرپور کان علاوه لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، سکر، نوشهري فيروز ۽ ٿرپارڪر وارن علائقن ۾ پڻ کجيءَ جي پوک وڏي پئماني تي ٿئي ٿي، جتان نه صرف ملڪ اندر پر ٻاهرين ملڪن ڏانهن به کجي برآمد ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ ۾ اونهاري (خريف) جي هڪ ٻئي اهم ميوي هنداڻي (ڇانهينءَ) جي پيداوار به جھجھي ٿئي ٿي. هن ميوي کي سنڌ جي ڪجھه علائقن (خاص ڪري لاڙ ۽ ٿر ۾) ”ڪاڙِينگ“ به چوندا آهن. هنداڻي جو فصل به خريف جي مکيه فصلن مان هڪ آهي. هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت پوي ٿي. سخت سردي يا پارو هي فصل برداشت نٿو ڪري سگھي. ڇانهينءَ جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻَ لهي ٿي. سنڌ ۾ خاص ڪري سانگهڙ، نوابشاهه، بدين، ميرپورخاص، ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ وڏي پئماني تي هنداڻي جي پوک ٿئي ٿي. موسم، مٽي، پاڻيءَ ۽ ٻج جي معيار مطابق سنڌ ۾ ڪاڙينگ جي مختلف جنسن جي پوک ٿئي ٿي، جن مان ڪجهه مشهور جنسون هي آهن:
(1) سگهارو هنداڻو (ماپ ۾ وڏو، ڳاڙهي گُودي وارو مِٺو) (2) ڪڪڙ (ٿورو نرم ۽ تمام گهڻو رس ڀريو) (3) ڪاري گودي وارو (اندران اڇو يا هلڪو ڳاڙهو) (4) ڦڪو هنداڻو (هي ڇانهينءَ جي خاص جنس آهي، جنهن جو گُودو پيلي / ڦِڪي رنگ جو هوندو آهي) (5) چِٽيلُ هنداڻو (هن جي مٿاڇري تي هلڪا هلڪا چِٽَ هوندا آهن.) (6) بيبيءَ جو هنداڻو (سائيز ۾ ننڍو ۽ جلدي پچي تيار ٿيندڙ).