ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه پنهنجي نئين پنجابي فلم ”سردار جي ٿري“ جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر به مُک ڪردار ادا ڪيو آهي.
فلم جي ٽريلر 22 جون جي رات سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو، جنهن تي ڪيترن ئي ڀارتي واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني مداحن طرفان فلم جي حمايت ڪئي وئي آهي.
دلجيت جي پوسٽ کانپوءِ ڪيئي ڀارتي واهپيدارن مٿس تنقيد ڪئي ته هو هڪ اهڙي اداڪارا سان ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا پاڪستان سان واسطو رکي ٿي.
ڪجهه ماڻهن دلجيت کي غدار قرار ڏنو ۽ چيو ته هو ڀارتي مفادن جي مخالفت ڪري رهيو آهي.
فلم جي ٽيم اڳواٽ ئي طئي ڪري چڪي آهي ته فلم رڳو پرڏيهه ۾ رليز ڪئي ويندي ۽ ڀارت ۾ نه ڏيکاريو ويندي.
انڊين فلم اينڊ ٽيليويزن ڊائريڪٽرس ايسوسيئيشن جي صدر اشوڪ پنڊت چيو آهي ته هانيا عامر جي شموليت سبب سنسر بورڊ فلم کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ فلم جي ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته دلجيت جو به انڊسٽري ۽ موسيقي جي دنيا ۾ بائيڪاٽ ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته فلم ”سردار جي ٿري “ 27 جون تي ٻاهرين ملڪن جي سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
You might also like