تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان ابراهيم زلفقاري چيو آهي ته آمريڪا هاڻ سڌي ريت جنگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ هن ايران جي ”مقدس سرزمين“ جي بي حرمتي ڪئي آهي.
ابراهيم زلفقاري چيو ته آمريڪا خلاف طاقتور ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيا ويندا، آمريڪا کي ”ڏکيا، افسوسناڪ ۽ حيرت جوڳا“ نتيجا ڀوڳڻا هوندا.
هن آمريڪي صدر کي سڌي طرح مخاطب ڪندي انگريزي ۾ چيو ” مسٽر ٽرمپ، جواري! هيءَ جنگ توهان شروع ڪئي آهي، پر اِها ختم اسان ڪنداسين.“
ٻئي پاسي، ايراني ميڊيا هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ايران جي ڪمانڊر اِن چيف امير حاتمي کي آپريشن روم ۾ ساٿي آفيسرن سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ امير حاتمي چيو ته ماضيءَ ۾ به جڏهن آمريڪا ايران خلاف ڪا مجرماڻي ڪارروائي ڪئيته ان کي فيصلائتو جواب مليو ۽ هن ڀيري به اهڙو ئي ردعمل ڏنو ويندو.
ان ڏس ۾ ايراني فوج جي چيف آف اسٽاف عبدالرحيم موسوي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته آمريڪي حملي کانپوءِ، ايراني فوج طرفان آمريڪي فوجين خلاف ”ڪنهن به قسم جي ڪارروائي“ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ايران ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو.
” ٽرمپ جواري! هيءَ جنگ شروع تو ڪئي آهي ختم اسان ڪنداسين“،پاسدارانِ انقلاب جي آمريڪي صدر کي ڌمڪي
You might also like