ايران جي ايٽمي پروگرام کي نقصان ناهي پهتو؟

اسلام آباد(اسد طور) پاڪستان ٻه ڏينهن اڳ ئي صدر ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو هو،ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ هاڻي پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته هو سفارتڪاري ۾ اعتماد ڪرڻ جهڙو ناهي،ايران تي حملي لاءِ آمريڪا جيڪي ڪروز ميزائل استعمال ڪيا اهي 1600ڪلوميٽر تائين وارهيڊ کڻي وڃي سگهن ٿا،انهن ميزائلن کي ان کان پهرين 1991ع ۾ آمريڪا نار واري جنگ م استعمال ڪيو،عراق خلاف 2003ڳ ۾ ليبيا ۾ 2011ع ۽ 2017ع ۾ شام ۾ انهن ميزائلن جو استعمال ڪيو،ايران جي جوهري ٺڪاڻن تي ساڍا ٽي لک پائونڊ وزني بم ڪيرايا ويا،اختيارين تصديق ڪئي آهي ته انهن ٺڪاڻن تان ڪا به تابڪاري نه پکڙجي اهي،اصفهان ۽ ٻين سائٽن تان يورينيم ۽ ٻيو جوهري مواد اڳ ۾ ايران ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو،هاڻي ايران وٽ جيڪو مواد آهي اهو محفوظ آهي باقي جيڪا مشينري ۽ سينٽري فيوجز آهن اهي ناڪاره بڻجي چڪا آهن،غالب امڪان اهي ته ايران جو جيڪو ايٽمي پروگرام آهي اهو وقتي طور تي رڪجي ويندو،ڇا ايران ان کي ٻيهر بحال ڪندو؟اهو هڪ الڳ سوال آهي، ايران وٽ ان پروگرام کي فوري طور تي آپريشنل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي،ان کي وقت لڳندو،جڏهن ته جواب ۾ ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي هڪ علامتي حملو ڪندو ۽ پنهنجي عوام کي ٻڌائيندو ته ڏسو اسان آمريڪا کي حملي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي،ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني اهم شخصيتن کي جيڪا دعوت ڏني وئي هئي ان تي ملڪ ۾ وڏا شادمانا وڄايا ويا،هڪ ڏينهن اڳ ٽرمپ کي اسان امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ٻئي ڏينهن هن ايران تي حملو ڪري ڏنو،ان کانپوءِ هاڻي اسان(پاڪستان)لاءِ شرمساري واري پوزيشن ٿي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 23 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.