آمريڪي حملن خلاف ايران ۾ مظاهرا،ايراني صدر به شريڪ

تهران(م ڊ)آمريڪي حملا ٿيڻ کان پوءِ ايران جي مختلف شهرن ۾ شديد عوامي احتجاج ٿيو،مرڪزي تهران ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ آمريڪي جارحيت خلاف نعرا هنيا،هن احتجاج ۾ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان به شرڪت ڪئي ۽ آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪئي،مظاهرن دوران ماڻهن آمريڪا خلاف پنهنجو ڏک ۽ ڪاوڙ ظاهر ڪيو ۽ ايران جي خودمختياري تي ٿيل حملي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو،آمريڪا پاران ايران جي جوهري تنصيبات تي حملي کان پوءِ تهران جي انقلاب اسڪوائر تي هزارين ماڻهن حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي احتجاج ڪيو۔شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ ايران جا جهنڊا کنيا هئا ۽ عالمي ادارن کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.