زمين تي قبضا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ کي تباھه ڪري ڇڏيندي:اياز پليجو

ڀٽ شاھ (ن ع آ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڀٽ شاھ ۾ ثقافتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسين پرستش نه قوم دوستي ۽ وطن دوستي تي يقين رکون ٿا. اسان جو ادب ۽ فن امن، برابري ۽ پيار جو بنياد آهي ادب، فن ۽ شاعري پيار ۽ انسانيت ونڊڻ جو ذريعو آهن استادن، ليکڪن ۽ شاگردن کي جديد تحقيق سان هم آهنگ هجڻ گهرجي فنڪارن کي سنڌ ۾ تعليم، رواداري ۽ امن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سائنس، تحقيق، ادب ۽ ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آهن سنڌ کي امن، ادب، فن ۽ رواداري سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران تي حملي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. حملو عالمي امن، ترقي ۽ انسانيت تي حملو آهي جنگ مسئلن جو حل ناهي، اها ترقي ۽ معيشت جي تباهي آهي. پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو،هن چيو ته اقليتن جي تحفظ، رواداري ۽ برابري سان پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ گهرجي هر ڪو پنهنجي قوم ۽ مذهب کي پسند ڪندو آهي، انسانيت کي افضل ڄاڻڻ ئي امتحان آهي سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي کان نجات ڏيارڻي پوندي اتر سنڌ جي 6 ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو وڃي،هن چيو ته  زمينن، وسيلن، امن ۽ سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي زمين تي قبضا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيندي ڪوٽڙي کان ھيٺ لکين انسان رھن ٿا. چوپايو مال آھي. لکين ايڪڙ زرعي زمين آھي. سمنڊ اڳتي اچي ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي ساحلي پٽي وارا علائقا تيزي سان ڳڙڪائي رھيو آھي،هن چيو ته  ايوان صدر ۾ ڪئنالن جي منظوري صدر آصف زرداري ڏني ۽ سنڌ ۾ بلاول زرداري ۽ وزير اعلي سميت پ پ وزير واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائي رھيا آھن ڪينال ڪڍڻ ڪون ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.