سنڌ ڌرتي پنهنجي ڏاهن بهادرن ۽ فڪر جي روشنين سان ڀرپور تاريخ رکي ٿي انهن تاريخي هستين ۾ محترم رسول بخش پليجو جو نالو ايڏي عظمت جُهُد ۽ قربانيءَ سان جُڙيل آهي جو ان کي صرف هڪ سياسي اڳواڻ چوڻ ناانصافي ٿيندي ڇاڪاڻ هو هڪ فڪر هو هڪ تحريڪ هو هڪ اهڙو آواز جيڪو مظلوم قومن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. رسول بخش پليجو نه رڳو عوامي تحريڪ جو باني هو پر هڪ اهڙو انقلابي فڪر ڏيندڙ اڳواڻ هو جنهن سنڌ جي قومي سياست کي نئون رُخ ڏنو سندس جدوجهد جو دائرو صرف هڪ پارٽي يا منشور تائين محدود نه رهيو بلڪه اُن ۾ سنڌ جي تاريخي حقن ثقافتي سڃاڻپ وسيلن جي مالڪي ۽ مظلوم طبقي جي بحالي لاءِ هڪ وسيع فڪر سمايل هو.
پليجي صاحب جو سياسي ۽ فڪري سفر شروعات کان وٺي عوام جي وچ ۾ رهيو، هو انهن ڏاهن مان ھڪ هو جن پنهنجي علم کي صرف ڪتابن تائين محدود نه رکيو پر ان کي عوام جي زبان بڻايو سندس لکڻين ڪتابن ۽ رسالن وسيلي سنڌ ۾ سياسي ۽ قومي شعور جو ٻج پوکيو ويو جنهن مان انقلابي سوچ جا پاڇا نڪري آيا. سندس سياست ذاتي مفادن جي سياست نه هئي بلڪه اها عوام جي لاءِ ڌرتيءَ لاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي سُهڻي مستقبل لاءِ هئي هن پنهنجي تڪڙيل زندگيءَ ۾ اقتدار کان وڌيڪ اظهار کي اهميت ڏني ۽ ظلم خلاف بيباڪ آواز بڻجي اڀريو.پليجو صاحب هڪ بھترين ليکڪ پڻ هو سندس لکڻين ۾ سچائي تجزيو ۽ سماجي شعور جا اڻ ڳڻيا پاسا ملن ٿا هن صرف ڳالهائڻ جي فن سان نه پر لکڻ جي سگھه سان به ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪيو سندس تحريرن مان سنڌ سان بي انتها محبت تاريخي شعور ۽ نظرياتي پختگي واضح طور محسوس ٿئي ٿي. ان سان گڏوگڏ رسول بخش پليجي علمي تحقيقي ميدان ۾ به پنهنجا نقش ڇڏڻ ۾ ڪامياب ويو. هن سنڌ جي سياسي جدوجهد کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻ جي جرئت ڪئي ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ هڪ گڏيل مورچي جو تصور پيش ڪيو سندس لکڻين ۾ سندس تقريرن ۾ سندس سياسي فڪر ۾ جيڪو سچ بيباڪي ۽ دور انديشي آهي اها اڄ به اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي.