ڪرم الاھي چنا کي اسان ڪو نه سڃاڻون

تحرير: رکيل مورائي

اھو زمانو ڪو گھڻو پراڻو تھ نھ آھي پر ھيءُ اھو زمانو آھي جيڪو منھنجي ادبي ڄمار جو سونھري دور آھي ۽ جڏھن پبلشنگ ادارا اڃا ”ھَٽَ“ نھ بڻيا ھئا، جيتوڻيڪ انھن جا ھلائيندڙ تھ ليکڪ ئي ھوندا ھئا پر ھو پاڻ کي پوئتي رکندا ھئا ۽ ادارن کي اوليت ڏيندا ھئا. ھن دور ۾ ڪيترائي ادبي ادارا جُڙيا جن ادب ۾ پاڻ موکيو، ڪي اڄ تائين ھلندڙ آھن ۽ اھميت سان موجود آھن ھنن لاءِ پنھنجي ادارن جي ساک ئي سڀ ڪجھھ ھُئي. انھيءَ دور ۾ ئي ھڪ پبلشنگ ادارو جُڙيو ھُئو سنگم پبليڪيشن، شايد ان جو سرواڻ پنھنجي تعليم پوري ڪري ڪنھن نوڪري جي تلاش ۾ ھُئو ۽ زندگي گذارڻ لاءِ ھن اھا پبليڪيشن جوڙي ھئي، سندس نالو ڪرم الاھي چنا ھُئو. سنھيون مُڇون، ھلڪو وزن، موچارو قد، گورو رنگ رکندڙ ھڪ سھڻو نوجوان.

                 تڏھن گھڻو ڪري ڪتاب خريد ڪري پڙھيا ويندا ھئا ۽ ادارا جيڪو ڪتاب ڇاپيندا ھئا اھو فقط ليکڪ جي شوق يا خواھش تي نھ ھوندو ھئو، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تڪ تور ٿيندي ھئي ان کان پوءِ ڇاپيو ويندو ھُئو، پڙھندڙن جي طلب بھ ھوندي ھئي.  ھوند سوند وارا شخص/ليکڪ ادارن جي مالي سھائتا تھ ڪندا ھئا پر اھا سھائتا فقط پنھنجي ڪتاب ڇپائڻ تائين محدود نھ ھوندي ھئي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ھوندي ھئي. ڪو بھ اعليٰ ڪتاب!

ڪيترا ڪتاب ان دور ۾ نوان آيا اھم مرتبو ماڻي ويا ۽ ٻيا ڪتاب ايندا رھيا، شايد اھو ڪتابن جو دور ھُئو جنھن دور (اسيءَ وارو ڏھاڪو) ۾ ڪرم الاھي چنا سان منھنجي شناسائي ٿي ھئي ھو نھايت سرگرم پبلشر ھُئو، جنھن جي ڪجھھ سالن کان اھم سڃاڻپ سگا جو ڪارڪن يا اڳواڻ وڃي رھي آھي. پر سچ اِھو آھي تھ سنڌي ادب، ان جي  ڇپائيءَ جو ڪم، ان جي ورھائڻ جو ڪم، ڪتابن جي رسائي سموري سنڌ ۾ يقيني بڻائڻ جو ڪم، ان ۾ ٻين گھڻن کان گھڻيون خدمتون ڪرم الاھي چنا جون بھ آھن، جن کان اڄ جو نسل خاص طور نون لکندڙن جو انگ شايد ئي واقف ھجي.

گذريل صديءَ جي اسيءَ واري ڏھاڪي جو پھريون سال ھُئو، ڪتابن پڙھڻ جو خفت ۽ ڪتابن خريدڻ جي سگھھ غير موجود! جنھن ڳالھھ مون کان ھڪ چڱو ڪم ڪرايو، سنڌ جي سڀني پبلشنگ ادارن کان مون ڪتاب گھرائڻ شروع ڪيا! انھن ۾ سنگم پبليڪيشن بھ ھُئو.مورو سنڌ جو مرڪزي شھر آھي، دادو مورو پل اڃا جُڙي نھ ھئي، ڪرم الاھي چنا سان تعلق/دوستي تڏھن جي آھي اڄ جو سنڌي ادب سندس احسان لاھي نھ سگھندو ڪرم الاھي چنا پنھنجي اداري جا ڪتاب حيدرآباد مان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کڻندو ھُئو. مان ڀايان تھ ھو پھريان سڪرنڊ ۽ نوابشاھھ لاءِ ڪتاب خاڪي جوئي صاحب جي ڪتاب گھر تي ڏيئي، موري ايندو ھُئو، مون وٽ ڪتاب ڇڏي، نوشھرو، ڪنڊيارو، خيرپور ۽ سکر ۾ ڪتاب ڏيئي لاڙڪاڻي ويندو ھُئو ۽ اتان دادوءَ ۽ پوءِ سيوھڻ کان ٿيندو حيدرآباد پڄندو ھُئو ۽ سندس اھو عمل ھر ٽئي مھيني ورجائبو ھئو.

ھو پنھنجا ڪتاب ڇڏي ويندو ھُئو ۽ انھن جي پيسن جي وصولي ٽن مھينن کان پوءِ ڪندو ھُئو. آيل نئون ڪتاب ڏيئي پراڻي رھت وصول ڪري ويندو ھُئو، ان وقت پنجن ڪاپين يا ان کان مٿي ڪتابن خريد ڪرڻ تي ڪميشن صرف %33 سيڪڙو ھوندي ھئي. ڪي ادارا ڪتاب وي پي ڪري موڪليندا ھئا جيڪا پوسٽ آفيس مان ڏوڪڙ ڏيئي ڇڏائڻي پوندي ھئي پر ڪرم الاھي چنا ائين بلڪل نھ ڪندو ھُئو يا مون سان ائين نھ ڪندو ھُئو. ھو ڪيترائي سال سنڌ کي ائين ادب ڏيندو رھيو. جيڪو سندس عمل سنڌ ڪڏھن بھ وساري نھ سگھندي. ان دور جو پڙھندڙ نسل تھ بنھھ نھ!

ھو چڱو وزني ڪتابن جو بنڊل ڪلھي تي رکي ڪنھن ڪتاب گھر تائين پھچائيندو ھُئو، وري ساڳيو وزني بنڊل ڪنھن ٻئي شھر پھچائيندو ھُئو، سيارو ھجي توڻي ساھھ گھٽيندڙ گرمي، ڪرم الاھي چنا ادب کي سنڌ ۾ پھچائيندو رھيو، جنھن ادب نھ رڳو نوان پڙھندڙ پيدا ڪيا پر لکندڙن جو ھڪ نئون نسل بھ پيدا ڪيو آئون ان نسل مان آھيان. جڏھن گيھھ ڪارپوريشن ۾ کيس نوڪري ملي تڏھن سندس سفرن ۾ گھٽتائي آئي ۽ ھن سانتيڪو ٿي ڪتابن ڇپائڻ ڏانھن ڌيان ڏنو.

ڪرم الاھي چنا جو احسان سنڌي ادب ياد رکندو جو ھن سنڌي ادب کي ڪي اھڙا ڪتاب ڏنا، جيڪي اڄوڪي لکندڙ نسل کي شايد ياد ھجن؟ ياد ٿو اچي تھ! چاليھھ کن ڪتابن جي لکندڙ تاجل بيوس صاحب جو پھريون ڪتاب ”جڏھن ڀونءَ بڻي “ ۽ پوءِ سندس ڪيترا ڪتاب، قمر شھباز صاحب جو پھريون ڪتاب ”چنڊ رھين ٿو ڏور“ ۽ پوءِ چڱا ڪتاب، يوسف شاھين صاحب جو ڪتاب ”يوناني ڏند ڪٿائون“  ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب. نامياري تاريخدان ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جو پھريون ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ۽ ٻيو ڪتاب تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو. سنگم پبليڪيشن پاران ڪرم الاھي چنا ئي ڇپرايا ھئا. ائين ڪرم الاھي چنا اسان جو اُھو ادبي پبلشر ھُئو جنھن پاڻ ڪڏھن بھ ڪا بھ دعويٰ نھ ڪئي تھ مون ھيءُ ڪيو يا ھو ڪيو، ھو ھڪ خاموش رھندڙ شخص ھُئو، ھو سگا جو ڪارڪن تھ ھُئو ئي پر سندس ادبي خدمتون اسان لاءِ اھا روشني ڏيندڙ ھيون جيڪا روشني ڪڏھن بھ جھيڻي ٿيڻ واري نھ آھي. ھو ادب ۾ ھڪ ليکڪ طور بھ ڄاتو سڃاتو ويندو جو ھو ڪھاڻيڪار بھ ھُئو ۽ پبلشر طور سنڌ ۽ سنڌي ادب کان ڪڏھن بھ وسري نھ سگھندو، ڀل ڪرم الاھي چنا صاحب کي اسان نھ سڃاڻون؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.